چـيـڙ/ چـيـل

چـيـڙ/ چـيـل

چيڙ/ چيل

چـيـڙ/ چـيـل (Long Leaved Pine): وڻن جي صنوبري (Panacea) خاندان جي جنس (Pinus) ۾ شامل هن وڻ جو سائنسي نالو Pinus-Robughi آهي. هي وڻ 500 کان 2300 ميٽرن جي بلنديءَ تائين پاڪستان ۽ هندستان جي اترين علائقن سميت نيپال ۽ ڀوٽان جي جابلو سلسلن ۾ ڄمندو آهي. چيل کي سنڌيءَ ۾ ’چيڙ‘ به چوندا آهن. پنهنجي خاندان جي ٻين وڻن مثلاً: بليو پائن، چائينز وائٽ پاٽن ۽ چلغوزه کان گهٽ ڊگهو ٿيندو آهي. هن جي ڊگهائي 30 کان 50 ميٽر ٿئي ٿي ۽ ٿڙ جو گهيرو ٻن ميٽرن تائين هوندو آهي. هن جا سئيءَ وانگر پن 20 کان 35 ملي ميٽر ڊگها ۽ پيلاڻ مائل سائي رنگ جا هوندا آهن. هن جا ٻج 8 کان 9 ملي ميٽر ڊگها ۽ ڪپهه وانگر نرم هوندا آهن. اترين علائقن کان سواءِ پاڪستان ۾ هي وڻ ڍونگا گلي، مري، ڪهوٽا ۽ راولپنڊي ۾ به ملندا آهن. هن جون پاڙون گهاٽيون ۽ ڦهليل هونديون آهن. چيڙ جي عمدي ڪاٺي عمارتن جي ڇتن، فرشن، ريلوي جي سليپرن، ٽيلي فون جي پکن، پيڪنگ جي دٻن، ڊرائنگ بورڊ ۽ ميزون وغيره ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندي آهي.سنڌ ۾ به چيل جو ڪاٺ استعمال ۾ ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو